ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، مڪاني ادارن، هائوسنگ ٽائون، جھنگلات ۽ جنگلي جيوت واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ رضويه ٿاڻي جي حد ۾ رهائشي عمارت جي ڪرڻ جي واقعي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ريسڪيو اُپاءَ وٺڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن ۽ چيو آهي ته امدادي ڪمن کي هر لحاظ سان مضبوط ۽ موثر بڻايو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي وڃي هو متاثره ماڳ جو دورو ڪرڻ جي دوران صحافين سان ڳالھ ٻولھ ڪري رهيو هو. هن چيو ته اسان سموري صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون اهڙي قسم جي غير قانوني تعمير تي هاڻي ايڪشن ورتو ويندو هاڻ بلڊر مافيا جي خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. هاڻ اسان جي ترجيح امدادي ڪمن تي آهي ته جيئن مالي نقصان کي گھٽ کان گھٽ ڪيو وڃي تنگ گھٽين جي ڪري امدادي ڪمن لاءِ ايندڙ گاڏين کي اندر اچڻ ۾ مشڪل پيش اچي رهي آهي. ان هوندي به ڪافي ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته وزير اعليٰ سنڌ به عمارت جي تعمير جي حوالي سان تفصيل طلب ڪيا ويا آهن ته اها عمارت ڪڏهن بڻي هئي ۽ قانوني طور تي بڻائي وئي يا غير قانوني کيس امدادي ڪمن بابت به تفصيل فراهم ڪيا ويندا. ناصر حسين شاھ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت متاثرن جي هر ممڪن مالي امداد ڪندي هن چيو ته ڪرندڙ عمارت تقريبن ٽي سال پهرين بڻائي وئي رينجرز ۽ پوليس اهلڪار عمارت جو ملبو هٽائي ان هيٺا دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جا اهلڪار به موقعي تي موجود آهن. هن چيو ته لاڳاپيل ادارن ۾ ڪاري رڍن سبب اهو افسوسناڪ واقعو پيش آيو هن چيو ته اهڙي قسم جي ڪوتاهي ۾ ملوث ايس بي سي اي جي 28 آفيسرن جي خلاف سخت ايڪشن ورتو ويو آهي ۽ کين عبرت جو نشان بڻايو ويندو ته جيئن اڳتي اهڙي قسم جا واقعا پيش نه اچن. هن چيو ته هن وقت اسان جي ڪوشش آهي ته ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي جلد از جلد ريسڪيو ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ جاني نقصان نه ٿئي هن چيو ته ڏک جي هن گھڙي ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت متاثر خاندانن سان گڏ بيٺي آهي ۽ ان سانحي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.