اسان کي هڪ نئين ليبر پاليسي آڻڻي پوندي، اميد آهي ته عدليه اڄ به مزدورن جو ساٿ ڏيندي :بلاول ڀٽو زرداري

لاهور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته هميشه سليڪٽڊ حڪومت ۾ ملڪي ادارن کي خانگايو ويندو آهي، پرويز مشرف ملڪي ادارا وڪڻي نه سگهيو ته  ڪو ڪٺ پتلي به ڪامياب نه ٿيندو.لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ مزدورن جي حقن تي هر پاسي کان حملا ٿي رهيا آهن، مزدورن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، 15 مهينن ۾ بيروزگاري ۾ جيتري واڌ ٿي گذريل 10 سالن دوران به ناهي ٿي، عوام جي معاسي قتل جي گذريل بجيٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي هئي، حڪومت آءِ ايف ايف  سان ويهي مزدورن جي حقن جي سوديبازي ڪري رهيا آهن.پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته جڏهن به سليڪٽڊ حڪومت ايندي آهي ته ادارن کي جهڙن تهڙن اگهن تي وڪڻيو ويندو آهي، ادارا جڏهن منافعي بخش ٿين ته ان ۾ مزدور کي حصو ناهي ڏنو ويندو، جڏهن ادارا نقصان ۾ هجن ته مزدورن کي به ان جو حصو بڻايو ويندو آهي، هاڻ واحد رستو آهي ته عوام ۽ مزدوره جي حڪومت هجي جيڪا ناهن جا مسئلا حل ڪري، سان ڪٺ پتلي حڪومت کي ملڪ جي ڪنهن اداري کي خانگائڻ نه ڏينداسين پوءِ ڏسنداسين ته ڪيئن ادارن کي خانگايو ٿو وڃي، اسان کي هڪ نئين ليبر پاليسي آڻڻي پوندي، اميد آهي ته عدليه اڄ به مزدورن جو ساٿ ڏيندي.بلاول ڀٽو چيو ته مزدورن کي انهن جا حق ڏيارڻ اسان جو منشور آهي، اسان گڏجي مزدورن جي خلاف سازش کي ناڪام بڻائينداسين ۽ انهن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪنداسين، جلد ئي پيپلز پارٽي جي حڪومت بڻجندي ۽ مزدورن جي حقن ۽ مراعتن ۾ واڌ ٿيندي، هنن جي پگهار ايتري ٿيندي جو مزدور گهر هلائي سگهن، ٻارن جو علاج ڪرائي سگهن، اسان کي گڏ ٿيڻو پوندو جيئن ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ مزدورن کي ڪيئن اڳتي وڌائڻو آهي، جن ادارن ۾ مزدورن جو رت ۽ پگهر شامل آهي اُهي اسان کي وڪڻڻ نه گهرجن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *