ماحولياتي قانون جي پاسداري ڪرڻ ادارن ۽ ماڻهن جو اخلاقي ۽ قانوني فرض آهي:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(اسٽاف رپورتر)وزير اعليٰ سنڌ جي قانون، ماحوليات ۽ سامونڊي ترقي واري کاتن جي صوبائي صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ماحولياتي قانون جي پاسداري ڪرڻ ادارن ۽ ماڻهن جو اخلاقي ۽ قانوني فرض آهي. ان ڪري سموريون صنعتي تنظيمون ۽ ماهيگيري صنعتن سان لاڳاپيل ادارا ماحولياتي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهن جي نشاندهي ڪن ۽ پنهنجي گڏيل رابطن کي يقيني بڻائين. صوبائي صلاحڪار سنڌ ماحولياتي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل کي هدايتون ڏيندي چيو ته هو ماحوليات کاتي جي سمورن آفيسرن جا نالا ۽ فون نمبر شهر جي سمورين صنعتي ايسوسيئيشنز کي اُماڻين جنهن ۾ هر علائقي جو لاڳاپيل آفيسر ماحولياتي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهو يا اداري جي خلاف ڪارروائي جو مجاز هوندو. هن چيو ته ماحوليات واري کاتي جي نالي تي ڪنهن به ماڻهو يا اداري کي هراسان ڪندڙ ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ان کان سواءِ شهر جي صنعتي تنظيمن جي رابطن کي مضبوط بنايو ۽ ماحولياتي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهن جي نشاندهي ڪريو. هن چيو ته ماحوليات هڪ عالمي معاملو آهي جنهن سان سمورن جاندارن جي بقا ۽ سلامتي واڳيل آهي.     

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *