عمران خان پاڻ نواز شريف کي لنڊن موڪليو، ڏوهاري هو ته کيس ڇو پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو نواز شريف جي واپسيءَ واري حڪومتي ڪوششن کي منافقت قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان پاڻ نواز شريف کي پرڏيهه موڪليو، هاڻي وري ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان پاڻ نواز شريف کي لنڊن موڪليو، هاڻي عوام سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. نواز شريف کي واپس گهرائڻ واريون ڪوششون منافقت تي ٻڌل آهن. ملڪ ۾ ڪرپشن ڪيسز تي ڪنهن جو به ڌيان نه آهي، عمران خان جو سڄو زور اِن ڳالهه تي آهي ته ملڪ ۾ ڪٺ پُتلي راڄ قائم رهي. هڪ سوال جي جواب ۾ پ پ چيئرمين چيو ته سندن ڪارڪن اِن معاملي ۾ جذباتي آهن ته جيڪي ڏکئي وقت ۾ پيپلز پارٽي کي ڇڏي ويا، اُهي واپس اچن، تڏهن به اُن معاملي کي ڪيس ٽو ڪيس ڏسي سگهجي ٿو. پيپلز پارٽي جا سڀني لاءِ در کُليل آهن. نواز شريف جڏهن پارليامينٽ جو آواز نه ٻڌندو هو ته مٿس تنقيد ڪئي ۽ سندس خلاف آواز به اُٿاريندا هئاسين، هن وقت مٿس تنقيد ڪرڻ جو ڪوبه فائدو نه آهي، ڇاڪاڻ جو هو حڪومت ۾ نه آهي. ميڊيا سان ڳالهين دوران بلاول ڀٽو جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت سازش تحت ميڊيا تي معاشي وار ڪيو ۽ اُن کانپوءِ اين جي اوز لاءِ فريم ورڪ ٺاهيو ويو. حڪومت ڏيهي ۽ عالمي اين جي اوز کي ڪنٽرول ڪرڻ گهري ٿي، سول سوسائٽي کي به ڪنٽرول ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *