ترڪي کانپوءِ ايران جو ڀارت ۾ مسلمانن جي رتوڇاڻ روڪرائڻ جي مطالبي سان مظلوم کي حوصلو مليو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ترڪي کانپوءِ ايران جو ڀارت ۾ مسلمانن جي رتوڇاڻ روڪرائڻ جي مطالبي سان مظلوم کي حوصلو مليو آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته اولهه دنيا کانسواءِ مسلمان ملڪن پاران بيگناهه جي رتوڇاڻ تي ڀارتي جنوني حڪومت جي خلاف گڏيل قدمن جي ضرورت آهي هن چيو ته مسلمانن نسل ڪشي ڪندڙ اڄوڪي هٽلر جو هٿ روڪڻو پوندو والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جو قدم آهي هن چيو ته وادي ۾ انساني حقن جي لتاڙ ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم ڏاڍ کان وٺي دهلي ۾ مسلمانن جي رتوڇاڻ تائين مودي جو هر ڪارو عمل تاريخ ۾ ڪاري بابت طور لکيو ويندو هن چيو ته ايران جي پرڏيهي وزير جي ڀارتي غنڊا گردي جي مذمت سٺي ڳالهه آهي هن چيو ته مسلمانن تي ٿيندڙ بي رحماڻي تشدد دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي هن چيو ته ڪو به مهذب معاشرو يا ملڪ ظلم جو ساٿ نه ٿو ڏئي سگهي  ايران چٽو ڪيو آهي ته اڳتي وڌڻ جو رستو پرامن ڳالهيون ۽ قانون جي حڪمراني آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *