اهڙي نئين پاڪستان کي نٿا مڃون جتي صحافين کي ڳالهائڻ ۽ اظهار جي آزادي نه هجي : بلاول ڀٽو زرداري

لاهور(۾ ڊ):پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪير به مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته نوازشريف علاج جي مقصد سان ويو آهي يا ڪرپشن جي ڪري لنڊن ۾ آهي.لاهور ۾ پارٽي اڳواڻن سان پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين چيو آهي ته اڄ هر پاسي کان جمهوريت تي حملو ٿي رهيو آهي، بلاگرز ۽ ٽوئيٽر پوسٽ ڪندڙ ٻارن تي به سينسرشپ هئين پئي وڃي، اهڙي نئين پاڪستان کي نٿا مڃون جتي صحافين کي ڳالهائڻ ۽ اظهار جي آزادي نه هجي.بلاول ڀٽو چيو آهي ته اڄ ملڪ ۾ سياسي انتقام عروج تي آهي، ڪير به پاڪستان ۾ مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته نوازشريف جيل يا لنڊن ۾ آهي ته اهو ڪرپشن جي ڪري آهي،  سڀني جو موقف آهي ته نوازشريف عمران خان جي سياسي انتقام جي ڪري لنڊن ۾ آهي.هن وڌيڪ چيو ته خورشيد شاهه اڄ به جيل ۾ آهي، نيب خورشيد شاهه جي مرحوم ڀاءُ جي نالي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، سياسي انتقام ۾ ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ تائين کي به نوٽيس ڏنا پيا وڃن.پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين چيو اسان پهريان ئي ڄاتو پئي ته نيب ۽ معيشت گڏ نٿا هلي سگهن، عمران خان به مڃيو آهي ته نيب ۽ معيشت گڏ نٿا هلي سگهن ۽ آرڊيننس جاري ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *