اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي سڌ سماءَ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان مهانگائي گهٽائڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون هلندڙ سال جنوري جي 14 ڏهائي ڇهه سيڪڙو جي شرح جي ڀيٽ ۾ گهٽجي فيبروري ۾ 12 ڏهائي چار سيڪڙو ٿي ويون سومر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻهراڙي جي علائقن ۾ 16 ڏهائي ٽي سيڪڙو کان گهٽجي 14 ڏهائي ٻه سيڪڙو تي اچي چڪيون آهن هي لاٿ عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ به ڏسڻ ۾ آئي جنهن جو سڌو فائدو عوام کي ٿي رهيو آهي هن چيو ته کاڌي پيتي جون قيمتون جنوري ۾ 19 ڏهائي پنج سيڪڙو هيون جيڪي فيبروري ۾ گهٽجي 15 ڏهائي ٻه سيڪڙو ٿي ويون.