سيالڪوٽ (م ڊ) وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته ايندڙ هفتي نواز شرف جي واپسي جي لاءِ وفاقي حڪومت، برطانيا کي خط لکندي ۽ ان حوالي سان پنهنجي حڪمت عملي واضح ڪندي. سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته پنجاب حڪومت طرفان وفاق سمورا قانوني تقاضا پورا ڪري نواز شريف کي پاڪستان واپس آڻڻ جي ملي آهي.هن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت برطانيا کان نواز شريف کي ڊي پورٽ ڪرڻ جي لاءِ لکڻ پئي وڃي ۽ ان حوالي سان ايندڙ هفتي لاڳاپيل ادارا خط لکندا.پريس ڪانفرنس دوران فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۽ ماڻهن کي فوري ريليف ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو رکيو آهي.سندس چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان جي مخلصاڻي ڪوششن سان روز مرهه جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي.هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ کائڻ پيئڻ جي مختلف شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي ۽ عام ماڻهو جو بار گهٽ ڪيو ويندو.وزير اعظم جي خاص مددگار چيو ته عوام کي ڏکيائين جو شڪار ڪرڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا ۾ گهرائي ڦهلائي ويندي آهي ڇو ته اسان قوم جي حيثيت سان هر شئي کي وڌائي پيش ڪندا آهيون جنهن ۾ منصوبابندي جو عنصر به شامل ڪيو ويندو آهي جنهن سان عوام جا مسئلا وڌندا آهن.هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايم ايف جي ٽيم جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي بي بنياد خبرون ڦهلائي تاثر ڏنو ويو ته آءِ ايم ايف جي ٽيم مايوس ٿي واپس وئي آحي پر هاڻ اُهي افواهه ساهه ڇڏي چڪا آهن ۽ آءِ ايم ايف حڪومت جي ڪاوشن کي قبول ڪيو، وزير اعظم ۽ هن جي معاشي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ معاهدو ٿيو جيڪو سڀني ڏٺو.سندس چوڻ هو ته هاڻ پيٽروليم شين جي قيمتن جي باري ۾ ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا تي اِهي ناڪاري بيان ڦهلائي رهيا هئا ته حڪومت عوام جي سهولت کسڻ چاهي ٿي.