راڻيپور: (رپورٽر) پ پ جي اڳواڻ ۽ پنهنجي خوابن ذريعي سياسي اڳڪٿيون ڪندڙ منظور وساڻ ريلوي واري وزير شيخ رشيد کي نڀاڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. راڻيپور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي منظور وساڻ چيو ته جڏهن کان شيخ رشيد کي ريلوي جي وزارت ملي آهي تڏهن کان ريلوي ۾ حادثا روزانو جو معمول بڻجي ويا آهن.ريلوي کي سڌارڻ جي بجاءِ شيخ رشيد هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندو آهي ۽ سمورو ملبو مخالفن تي وجهندو آهي. اسان جيل ۽ سختين جي پيداوار آهيون. منهنجي خلاف 1990 ۾ ان وقت ڪلاشنڪوف جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو جڏهن ڄام صادق سنڌ جو وڏو وزيرهو. شيخ رشيد هرنيوز ڪانفرنس ۾ پنهنجي خلاف هڪ ڪيس جو ذڪر ناهي وساريندو.منظور وساڻ چيو ته عمران خان تي سرمايو لڳانيندڙن ۾ 80 سيڪڙو ان جو ساٿ ڇڏي چڪا آهن جڏهن ته ٻيا 20 سيڪڙو سرمائيڪار ۽ ٺيڪيدار به هن ئي سال سندس ساٿ ڇڏي ويندا. عمران خان جي حڪومت هن سال نه رهندي کيس گهر موڪليو ويندو.