بلاول صاحب اوهان کي بس هلائڻي آهي ته ٻن خاندان کان لٽيل قوم جي دولت واپس ڏياريو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلاول صاحب اوهان کي بس هلائڻي آهي ته ٻن خاندان کان لٽيل قوم جي دولت واپس ڏياريو، ن ليگ وارن کي چوان ٿي ته قوم اهو وقت ناهي وساريو جڏهن عوام شينهن اٽو کائي ويو جا نعرا هڻندو هو، ٽوئيٽر تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته سڄي پاڪستان کي خبر آهي ته ن وقت اٽو، کنڊ، گيهه ۽ خاص ڪري ڪڪڙين تي ڪنهن جو ڪنٽرول هو، هن چيو ته جيڪي ماڻهو عوام جي دولت لٽي ويا انهن جي خلاف تحريڪ هلايو، سڄي قوم بلاول توهان جو ساٿ ڏيندي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته بلاول صاحب عوام جو وس هلي ته ٿر جي معصوم ٻارن جي قاتلن کي عبرت جو نشان بڻائي، عوام جو وس هلي ته ان جو مستقبل انهن کان کسيندڙن کي رڪ جا چڻا چٻرائي، بلاول صاحب پاڪستان جو عوام باشعور آهي، هن چيو ته قوم کي لٽي مال ٺاهيندڙن کي عوام نظرن تان ڪيررايو ۽ عمران خان کي ڏهاڪن کان قوم تي مڙهيل ٻن خاندانن کان نجات جو ذريعو بڻايو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *