ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ 49 اسڪول آهن ۽ هڪ شخص سمورن اسڪولن کي ٺيڪ نٿو ڪري سگهي، اسڪولن جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ استادن، والدين ۽ شاگردن سميت سڀني ک ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن سڀ گڏجي ڪم ڪريون ته سمورن اسڪولن کي 6 مهينن ۾ بهتر ڪري سگهجي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن مقامي هوٽل ۾ تعليم جي اداري آگاهي پاران تعليم جا ساليانا انگ اکر 2019 جي رپورٽ پيش ڪرڻ بابت هڪ تقريب کي خطاب ڪنديو، ان موقعي تي تعليم جو سيڪريٽري حيدر شاهه، ناليوارو گلوڪار شهزاد راءِ سينيئر سياستدان فاروق ستار، فردوس شميم نقوي، ادارو تعليم آگاهي جي سي اي او ڊاڪٽر بيلا رضا جميل، ڊپٽي ڊائريڪٽر وقاص سميع باجوه، تعليم جي ماهر شهناز وزير علي ۽ ٻيا به موجود هئا، سعيد غني چيو ته مان جڏهن تعليم کاتي ۾ آيس ته اندازو ٿيو ته هن کاتي ۾ گهڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي