زهريلي دَز پکڙجڻ کانپوءِ ٻيڙي کي ڪراچي پورٽ تان هٽايو ويو، ٻيڙي کي سيل ڪري ڇڏيو آهي: انتظاميا

ڪراچي/ملير (اسٽاف رپورٽر) ڪياماڙيءَ ۾ زهريلي دَز جي پکيڙ جي نتيجي ۾ ڪراچي پورٽ جي بندرگاهه تي لنگر ٿيل سويابين سان ڀريل امريڪي ٻيڙي کي بن قاسم بندرگاهه تيل لنگر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري طرفان ڪمشنر ڪراچي حوالي ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪياماڙيءَ ۾ زهريلي دَز سويابين جي ڪري پکڙي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مقامي آبادي سخت متاثر ٿي آهي. ڪي پي ٽي انتظاميا پهرين ته ذميواري قبولڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته سندن حدن مان ڪٿان به زهريلي گئس پکڙي نه آهي، ٻيڙي جو به معائنو ڪيو ويو آهي. تازي رپورٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ ڪي پي ٽي جي بندرگاهه تي لنگر ٿيل سويابين سان ڀريل ٻيڙي کي برٿ تان هٽايو ويو آهي. سويابين سان ڀريل سامونڊي ٻيڙو هرڪيولس امريڪا کان آيو هو. ڪي پي ٽي انتظاميا چيو آهي ته سامونڊي ٻيڙي کي سيل ڪيو ويو آهي، هاڻي اُن کي پورٽ قاسم تي لنگر ڪيو ويندو. ملير ۽ آسپاس جي آبادي امڪاني طور متاثر ٿيڻ واري سوال جو ڪي پي ٽي انتظاميا واضح جواب نه ڏنو ۽ چيو ته بن قاسم پورٽ تي سيل ٿيل ٻيڙو لنگر ڪندو، ماڻهن ۾ خوف ختم ڪرڻ لاءِ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي بندرگاهه تان سويابين سان ڀريل ٻيڙو هٽايو ويو آهي. ٻئي پاسي بن قاسم پورٽ تي سويابين سان ڀريل ٻيڙو لنگر ٿيڻ واريون خبرون پکڙجڻ تي ملير ضلعي جي حدن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي. ملير جي ساحلي پٽيءَ سوڌو ٻين علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو پريشان ٿي ويا آهن. رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪياماڙيءَ ۾ جيڪا زهريلي دَز پکڙجي وئي هئي، اُن سان سوين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. بِن قاسم پورٽ تي اهو ٻيڙي لنگر ٿيڻ جي صورت ۾ خدشو آهي ته ڀرپاسي واري آبادي متاثر ٿيندي. بن قاسم پورٽ انتظاميا اُن حوالي سان ضلعي انتظاميا کي به آگاهي نه ڏني آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *