ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان ڌرڻو هنيو ته هن کي کنڀيو ويندو.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته مولانا آزادي مارچ ۾ جيڪا مرضي مهم هلائي، ڪو مارچ پاسٽ نه ٿيندو، هلڪي آواز ۾ موسيقي هوندي پر وزير اعظم عمران خان پنج سال پورا ڪندو، جيڪڏهن مولانا ان ڀيرو ڌرڻو هنيو ته کنڀجي ويندو.ڪابينا جو اجلاس ملتوي ٿيڻ تي هن چيو ته ڪيبنٽ جي ميٽنگ سٺين تجويزن جي تياري جي ڪري دير سان ٿي رهيو آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد جو چوڻ هو ته عدالتن جي اڳيان حڪومت بي وس هوندي آهي، نواز شريف واپس نه ايندو، مريم نواز ٻاهر نه پئي وڃي، ڪابينا ۾ فيصلو ٿيو هو ته مريم نواز کي نه وڃڻ ڏنو وڃي.ڪراچي سرڪلر بابت ريلوي واري وزير چيو ته ڪي سي آر 2 ارب ڊالرن جو منصوبو آهي، سنڌ حڪومت ڪي سي آر کي عملي طور تي مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي، وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ فريم ورڪ منصوبي تي اتفاق ٿي ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته نيب جو آرڊيننس نائيڪ صاحب ۽ فروغ نسيم گڏجي بڻائي رهيا آهن.