وزيراعظم جي عوام کي صحت ۽ تعليم جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سرڪاري اسپتالن جي انتظاميا کي فعال، افرادي قوت جي کوٽ ختم ڪرڻ ۽ دوائن جي فراهمي تي ڌيان ڏنو وڃي.وزيراعظم جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ صحت، تعليم ۽ ٻين شهري سهولتن بابت جائزي لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، گهرو وزير اعجاز شاهه، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، وفاقي سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.اجلاس دوران صحت واري سيڪريٽري تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته جون تائين 20 ڪميونٽي هيلٿ سينٽرن ۽ 16 بنيادي صحت مرڪزن کي فعال ڪيو ويندو، جي 11 ۾ پولي ڪلينڪ 2 جي اڏاوت ۽ پمز ۾ نئين ايمرجنسي وارڊ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي، سرائي خربوزا ۾ به نئين اسپتال قائم ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي.ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته شهرين کي صحت جي سهولتن ۾ ڪنهن قسم کي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، سرڪاري اسپتالن جي انتظاميا کي فعال، افرادي قوت ۾ کوٽ ختم ڪرڻ ۽ دوائن جي فراهمي تي ڌيان ڏنو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ تعليم کي ايمرجنسي سمجهندي ضروري قدم کنيا وڃن، معياري تعليم جي فراهمي لاءِ سمورا گهربل وسيلا فراهم ڪيا وڃن، ماڊل اسڪولن کانسواءِ تعليمي ادارن جو معيار اوچو ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.اجلاس ۾ عمران خان قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جي نشاندهي جي به هدايت ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *