ڪيماڙي واقعي جي جاچ جاري آهي،اسان لاءِ هر شخص جي جان انتهائي قيمتي آهي:ناصر شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي سميت ڪمشنر آفيس ۾ ڪيماڙي ۾ زهريلي گئس سان فوتگين جي واقعي جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪيماڙي جي واقعي جا جاچ جاري آهي آخري رپورٽ ايندي ئي ميڊيا جي ذريعي عوام کي آگاھ ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان لاءِ هر شخص جي جان انتهائي قيمتي آهي. سيمپل ڪراچي يونيورسٽي جي ليبارٽري ۽ پي سي ايس آئي آر موڪليا ويا آهن آخري نتيجي ۽ جاچ رپورٽ کان پوءِ ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو ۽ لاڳاپيلن جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. واقعي جي فوري بعد سنڌ حڪومت جا سمورا ادارا موقعي تي موجود ۽ متحرڪ ٿي ويا هئا جڏهن ته حڪومت پي ڊي  ايم اي ۽ پاڪ فوج سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي ۽ حادثي جا ڪارڻ سامهون آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. ڪيماڙي ۾ زهريلي گئس سان 10 فوتگيون ٿيون جڏهن ته 250 جي ويجھو ماڻهوگئس خارج ٿيڻ سبب متاثر ٿيا آهن جن مان اڪثر کي ابتدائي طبي امداد کان پوءِ فارغ ڪيو ويو صحت کاتي پاران حادثي کان پوءِ سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي اڃان تائين به ماڻهن جي امداد ۽ رهنمائي لاءِ سنڌ حڪومت جا ادارا ۽ پاڪستان نيوي موجود آهي. وزير اطلاعات چيو ته اڄ جي هن جديد دور ۾ گئس جي خارج ٿيڻ جي ڪارڻ جي خبر پوڻ گھرجي ها. ايس او پيز هر جاءِ تي هونديون آهن رات دير تائين وزير اعليٰ سنڌ سان گڏ مان پاڻ متاثره علائقي ۽ اسپتالن جي دوري تي هيس. انتهائي اهم هجڻ جي ڪري ڪراچي پورٽ تي اچ وڄ تمام گھڻي آهي. محترمه بينظير ڀٽو ڪيٽي بندر جو منصوبو ان ڪري ئي ڏنو هو جو پورٽ آبادي جي وچ ۾ نه هجي. ڪيمڪل جي فيڪٽري کي به شهر کان ٻاهر هجڻ گھرجي هي وقت سياست جو ناهي پر گڏجي ماڻهن کي رليف ڏيڻ جو آهي. ادارن ۾ وڌيڪ بهتري جي گنجائش آهي هي مسئلو فقط هڪ علائقي جو آهي ٻين علائقن ۾ پکڙجڻ جون افواهون صحيح ناهين. وزير اعليٰ ضرورت جي مطابق علائقو خالي ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي هئي پر هاڻي اهڙي صورتحال ناهي. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي واقعي کي سياسي اشو نه بڻائڻ گھرجي. ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي چيو ته واقعو فقط هڪ مخصوص علائقن ۾ ٿيو آهي ۽ لوڪل سطح تي آهي. ميڊيا کي گذارش آهي ته ڄاڻايل گئس ٻين علائقن ۾ پکڙجڻ جي حوالي سان افواهن تي ڪن نه ڏين. پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ ۾ 72 ڪلاڪ لڳندا آهن آخري رپورٽ اچڻ کان پوءِ ڪارڻن جي خبر پوندي.          

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *