نوشهروفيروز(نمائندن وٽان)محرابپور ۾ نجي ٽي وي جي رپورٽر ۽ سينئر صحافي عزيز ميمڻ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.جنازي نماز ۾ سڄي سنڌ مان ايندڙ صحافين ۽ شهرين سميت اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد ظفر علي شاهه، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر سرفراز شاهه سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردار محرابپور ۾ قتل ٿي ويل سينئر صحافي عزيز ميمڻ جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گهر ڪئي آهي ته عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.بلاول چيو تهعزيز ميمڻ جي وارثن سان ڏک جي هن گهڙي ۾ گڏ آهيان ۽ هر مقتول جي وارثن جي ڏک کي سمجهي سگهان ٿو. صحافين جي تحفظ جي معاملي ۾ ڪابه رڪاوٽ برداشت نه ڪنداسين. ميڊيا جي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ تي پ پ جو هميشه موقف واضح رهيو آهي.بلاول وڌيڪ چيو ته عزيز ميمڻ بيباڪ ۽ سچو صحافي هو سندس قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.