نوشهروفيروز (رپورٽر) پ پ ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل کانپوءِ نوشهروفيروز پوليس درياءَ خان مريءَ ۾ ڪارروائيون ڪري مُک جوابدار جي ڀيڻ سلميٰ کوکر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي نوشهروفيروز فاروق اعواڻ سيڪيورٽي لاءِ درخواست ملڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته مقتولڻ ڪجهه ڏينهن اڳ ساڻس ملاقات ڪئي هئي، پر اُن ۾ سندس مڙس حميد انصاري موجود نه هو. ڪيس جي حوالي سان ڪجهه گرفتاريون ڪيون آهن. پ پ ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نوشهروفيروز جي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته درياءَ خان مري ڀرسن ڪارروائين دوران پوليس مُک جوابدار جي ڀيڻ سلميٰ کوکر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن وقار کوکر کان اڳ فائرنگ ڪئي هئي. پ پ ايم پي اي جي قتل واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل نه ٿي سگهيو آهي. ايم پي اي شهناز انصاري جي جنازي نماز ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي نوشهروفيروز محمد فاروق اعواڻ چيو ته ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل جي حوالي سان گرفتاريون ڪيون آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي چيو ته کيس ايم پي اي شهناز انصاري جي سيڪيورٽي لاءِ ڪابه درخواست نه ملي آهي، هونئن به سُپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪجهه عرصي کان پارليامينٽيرينز کي سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ واري اروايت ختم ٿي وئي آهي. مقتولڻ جي مڙس حميد انصاري طرفان سيڪيورٽي لاءِ ملاقات جي حوالي سان پُڇيل سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي چيو ته ايم پي اي جي حيثيت سان هوءَ مختلف وقتن تي ساڻن ملاقاتون ڪندي رهي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ به ايم پي اي شهناز ساڻس ملاقات ڪئي، پر اُن ۾ سندس مڙس موجود نه هو. ايم پي اي شهناز انصاري جي مڙس حميد انصاري گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي دانهيو هو ته پنهنجي حڪومت ۾ به کين تحفظ نه مليو آهي، چاليهي جي رسمن ۾ شرڪت لاءِ وڃڻ کان چار ڏينهن اڳ هو ۽ سندس مقتول زال گڏجي ايس ايس پي فيروز سان مليا، جان کي خطري بابت آگاهي ڏيڻ کانپوءِ هُنن سيڪيورٽي جي درخواست ڪئي ته ايس ايس پي نوشهروفيروز هڪ ليٽر ڏنو. حميد انصاري چيو ته ايس ايس پي جو ليٽر کڻي هو ڊي سي ڏانهن ويا ۽ پوءِ عدالت ۾ به درخواست داخل ڪئي هئي.