اسلام آباد(بيورو)وزير اعظم عمران خان ترڪ واپاري ڀائرن کي پاڪستان ۾ سياحت سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته اسان جي حڪومت انتهائي واپار دوست آهي ۽ ترڪي سان واپاري لاڳاپن کي هٿي لاءِ سڀ ڪجهه ڪندي.عمران خان اسلام آباد ۾ پاڪ ترڪ بزنس فورم کي خطاب جي آغاز ۾ چيو ته اڄ پاڪستاني پارليامينٽ ۾ رجب طيب اردوان جي خطاب کان پوءِ آئون يقين سان چئي سگهان ٿو ته هي پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊ کٽي سگهي ٿو.هن چيو ته مون حڪومت حڪومتي بينچز کي بينچون وڌائيندي ڏٺو آهي پر اڄ تائين مخالف ڌر بينجن جي ميمبرن کي ڊيسڪ وڄائي تقرير کي ساراهيندي ڪڏهن به ناهي ڏٺو جنهن جو موقعو مون کي اڄ مليو.وزير اعظم چيو ته اِهو عمل ثابت ڪري ٿو ته مسلم دنيا جي مسئلن جي حل لاءِ توهان طرفان ڪيل بندوبستن جي ڪري پاڪستان جو عوام سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي توهان کي ڪيترو پسند ڪري ٿو.سندس چوڻ هو ته اسان جي حڪومت ترڪي سان واپاري لاڳاپن کي هٿي جي لاءِ سڀ ڪجهه ڪندي، اسان پاڪستان ۽ ترڪي جي واپاري ڀائرن کي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون جيئن هو سيڙپڪاري ڪرڻ سان گڏوگڏ گڏيل منصوبن تي ڪم ڪري سگهن.هن چيو ته اسان خاص طور تي ترڪ واپاري ڀائرن کي سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا، مون ڪيترائي ڀيرا سياح طور ترڪي جو دورو ڪيو ۽ جهڙي طرح سياحتي صنعت ترقي ڪئي ته پاڪستان ان مان ڪجهه سکي سگهي ٿو.عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت تائين سياحت تي ڪم ناهي ڪيو ويو پر دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي سياحتي انڊسٽري بي پناهه صلاحيت تي ٻڌل آهي ۽ تازو ئي آمريڪا جي هڪ صف اول جي ميگزين پاڪستان کي 2020 ۾ سياحت جي لاءِ صف اول جو مقام قرار ڏنو آهي.هن چيو ته سياحتي صنعت جي ترقي جي لاءِ اسان وٽ انفرااسٽريڪچر جي گهٽتائي آهي ۽ ترڪي تاريخي ۽ ساحلي ماڳن جي سياحت ۾ ڏاڍي ترقي ڪري چڪو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته ترڪي ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري.سندس چوڻ هو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ به اسان ترڪي کان گهڻو سکي سگهون ٿا جڏهن ته اسان وٽ دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي نوجوان آبادي آهي ۽ اسان ان شعبي ۾ به سيڙپڪاري جا خواهشمند آهيون.وزير اعظم خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سرنگهه کوٽائي جي شعبي ۾ به ڳري سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا آهن جنهن تي تائين ڌيان نه ڏنو ويو هو، ترڪي جي سرنگهه کوٽائي جي صنعت اسان جي ڀيٽ ۾ انتهائي جديد آهي ان ڪري اسان ان شعبي ۾ به ترڪي کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا.