ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ بڪتربند گاڏين جو استعمال اهميت رکي ٿو:آءِ جي سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ڪچي جي ڌاڙيلن کي چِٿڻ لاءِ بڪتربند گاڏين جي مرمت ڪرائي ورتي آهي. آءِ جي سنڌ مرمت بعد تيار ٿيل 36 بڪتربند گاڏين جو معائنو ڪندي چيو آهي ته ڪچي جي ڌاڙيلن سوڌو ٻين ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ پوليس جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ بڪتربند گاڏين جو استعمال اڻٽر آهي. سنڌ پوليس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ايم ٽي ورڪشاپ سنڌ طرفان پوليس کاتي جي مختلف شعبن ۽ رينجز ۾ بيٺل 46 مان 35 بڪتربند گاڏين جي مرمت ڪري اُنهن کي استعمال جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته رهيل 11 بڪتربند گاڏين جو مرمتي ڪم اڃا جاري آهي. مرمت ٿيل گاڏين ۾ سينٽرل پوليس آفيس جون 3، سي ٽي ڊي جون 3، ڪراچي رينج جون 36، ايم ٽي سنڌ 11، لاڙڪاڻو رينج 13، ميرپور خاص 2، سکر 9، حيدرآباد رينج جون 7 ۽ شهيد بينظير آباد رينج جون 4 بڪتربند گاڏيون شامل آهن. ترجمان موجب آءِ جي سنڌ مرمت ٿيل بڪتربند گاڏين جو معائنو ڪيو. سنڌ پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ڪچي سوڌو ٻين علائقن ۾ ڌاريلن خلاف ڪامياب آپريشن ڪرڻ لاءِ خراب ٿيل بڪتربند گاڏيون تيار ڪرايون ويون آهن، آف روڊ يعني خراب بيٺل بڪتربند گاڏين کي مرمت بعد استعمال جوڳو بڻايو ويو آهي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس گاڏين خاص ڪري بڪتربند گاڏين جو هر وقت ٺيڪ هجڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو ڏوهارين خلاف ڪارروائين ۾ بڪتربند گاڏين جي استعمال سان پوليس جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيندي. آءِ جي چيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ بڪتربند گاڏين جو استعمال اهميت رکي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *