سنڌ حڪومت مهانگائي ۽ ذخيرا اندوزي روڪڻ لاءِ نوان پرائس ميجسٽريٽ ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت مهانگائي ۽ ذخيرا اندوزي روڪڻ لاءِ فوري قدم ۽ نوان پرائس ميجسٽريٽ ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سنڌ جي زراعت واري وزير اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪابينا کان نوان پرائس ميجسٽريٽ ڀرتي ڪرڻ جي منظوري وٺي اشتهار جاري ڪيو ويندو، مهانگائي ۽ ذخيرا اندوزي روڪڻ لاءِ پرائس ميجسٽريٽن جو تعداد وڌايو ويندو. عوام جي آگاهي لاءِ روز مره جي شين جون قيمتون موبائل ۽ سوشل ميڊيا ايپلي ڪيشن تي به جاري ڪيون وينديون. صوبائي وزير چيو ته ڪوشش آهي ته قيمتون ڪنٽرول ڪيون ۽ ذخيرا اندوزي نه ٿيڻ ڏيون.پرائس ميجسٽريٽ کي صوبي ۾ متحرڪ ڪيو ويو آهي، جيڪي آفيسر ڪارروائي نه ڪندا انهن خلاف ايڪشن کڻنداسين، پيٽرول، گيس بجلي مهانگي ٿيندي ته ان جو اثر کائڻ پيئڻ جي شين تي پوندو.اسماعيل راهو چيو ته سنڌ حڪومت روزانا جي بنياد تي مهانگيون شيون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي، وفاقي حڪومت کي گهرجي ها ته يوٽيلٽي اسٽورن کي پيسا جاري ڪرڻ بجاءِ غريبن کي راشن ڪارڊ جاري ڪيا وڃن ها.ملڪ ۾ 400 سو يوٽيلٽي اسٽور وفاق بند ڪيا آهن وري ٻئي پاسي 30 هزار اسٽور کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪو قوم سان مذاق آهي، نيازي سرڪار عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ عمران خان جي وس جي ڳالهه ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *