ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جنسي زيادتي ڪيسز ۾ ڊي اين اي ٽيسٽ دير سان ٿيڻ تي آءِ جي سنڌ مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي اين اي جي حوالي سان مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته جتي به جنسي زيادتي جو واقعو رپورٽ ٿئي ته فوري طور ڊي اين اي ڪرايو وڃي، هن سموري صورتحال جو ذميوار آءِ جي سنڌ آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عورتن سان جنسي زيادتي ڪيس ۾ سزائن ۾ واڌ ۽ قانونسازي جي حوالي سان توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران آءِ جي سنڌ ڪليم امام پيش ٿيو. ٻڌڻيءَ ۾ درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته هڪ عورت سان جنسي زيادتي ڪيس ۾ 6 مهينا گذرڻ باوجود ڊي اين اي نه ورتو ويو آهي. جاچ آفيسر چئي رهيو آهي ته وٽس پئسا نه آهن. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو ته شاهدن جي تحفظ وارو قانون ته سڀ کان پهرين ٺهيو، پر اڃا تائين اُن تي ڪا اڳڀرائي نه ٿي آهي. جيڪڏهن عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿي رهيو آهي ته ايڪشن وٺنداسين. عدالت آءِ جي سنڌ ڪليم امام کان پُڇاڻو ڪيو ته ڊي اين اي جي باري ۾ ڇا ڪري رهيا آهيو، اِن حوالي سان ايس او پي ڪهڙي آهي؟ ڇا جاچ آفيسر خلاف ڪارروائي ڪندئو ۽ کيس نوڪري مان فارغ ڪندئو؟ عدالت آءِ جي سنڌ مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايف آءِ آر ئي ايڏي ڏکيائي سان داخل ٿي آهي، هن ۾ مدو به نه لکيو ويو آهي. هر شئي ۾ ڪجهه نه ڪجهه نيسيسري لکي ڇڏيو آهي، اِن سان ماڻهن کي فائدو ملي ويندو آهي. عدالت آءِ جي سنڌ کان پُڇيو ته اهي ڪتابي ڳالهيون آهن ته عملدرآمد جي باري ۾ ٻڌايو؟ آءِ جي سنڌ عدالت کي آگاهي ۾ چيو ته 598 ٿاڻا آهن، جتي ڪجهه سالن ۾ 700 کان وڌيڪ جنسي زيادتين جا ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، اُنهن مان ڪجهه تي ڊي اين اي ٿيو آهي ۽ ڪجهه ڪيسز ۾ نه ٿيو آهي. عدالت حڪم ڏنو آهي ته جتي به جنسي زيادتي جو واقعو ٿئي ٿو، جيئن ئي رپورٽ ٿئي ته ڊي اين اي ڪرايو وڃي. ٻڌڻيءَ دوران عدالت گهرو سيڪريٽري کان پُڇيو ته ڇا جاچ آفيسر پنهنجي کيسي مان پئسا ڏيندو يا متاثر خداندان کان وٺندئو؟ اي آءِ جي ليگل عدالت کي آگاهي ڏني ته ڄامشورو ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ به ڊي اين اي ٽيسٽ ٿي رهي آهي، سنڌ سرڪار کان پئسا وٺي ڏيون ٿا، جنهن تي عدالت چيو ته پر هن ڪيس ۾ جاچ آفيسر کي پئسا ڇو نه مليا؟ جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو ته بريسٽ (ڇاتي) تي چيڪ اشو هوندو، ڊي اين اي ٽيسٽ دير جو شڪار ٿيندي ته پراسيڪيوشن متاثر ٿيندي. جاچ ۾ دير ٿيندي ۽ جوابدارن کي ضمانت ملندي، پوءِ توهان چوندئو ته عدالت ضمانت ڏئي ڇڏيندي آهي.