آڱوٺي ڇاپ حڪومت وٽ ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جو حل ناهي: احسن اقبال

اسلام آباد (بيورو) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي انتقامي ايجنڊا سبب هر ڪو ملڪ مان پنهنجي سيڙپ ڪڍي رهيو آهي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي احسن اقبال چيو ته فردوس عاشق اعواڻ چيو هو ملڪ ۾ چيلهه ڀڃندڙ مهانگائي آهي، اسان جي چوڻ بدران حڪومتي ترجمان پاڻ تسليم ڪيو ته چيلهه ڀڃندڙ مهانگائي ٿي آهي، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي 14 سيڪڙو آهي، اهو بدترين اقتصادي بحران مين ميڊ بحران آهي، موجوده اقتصادي بحران حڪومت جي نالائقي ۽ نااهلي سبب آهي.هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ رڪارڊ مهانگائي، بيروزگاري، غربت ۽ معاشي سستي آهي، جڏهن ته حڪومت کنڊ ۽ اٽي مافيا ذريعي عوام کي ٻنهي هٿن سان لُٽي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *