آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 643 هيڊ ماستر جو ڪانٽريڪٽ ختم ٿيڻ وارو حڪومتي نوٽيفڪيشن معطل

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ 2018 ۾ آئي بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 643 هيڊماسترن کي هڪ سال کانپوءِ نيڪالي ڏيڻ واري حڪومتي نوٽيفڪيشن خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ حيدرآباد، دادو، ڄامشورو ۽ ٽنڊوالهيار سوڌو ٻين ضلعن سان واسطو رکندڙ هيڊ ماسترن جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جنهن دوران درخواستگذارن جي وڪيل بئريسٽر ضمير گهمرو دليل ڏيندي چيو ته 2018ع ۾ آئي بي اي سکر کان هيد ماسترز جي ڀرتين لاءِ ٽيست وٺڻ بعد پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولز ۾ ڪانٽريڪٽ تي هيڊماستر مقرر ڪيا ويا. 643 استادن کي پڪو ڪرڻ بدران حڪومت 2019ع ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪري سندن ملازمت ۾ رڳو هڪ سال جي واڌ ڪئي ۽ اُن ۾ چيو ويو ته وڌيڪ هڪ سال جو ڪانٽريڪٽ پورو ٿيڻ کانپوءِ واڳيل هيڊماسترز جي نوڪري ختم ٿي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *