نوابشاھه (رپورٽر)وزيراعلى سنڌ جي يونيورسٽين، بورڊ افئيرس بابت صلاحڪار ۽ پروچانسلريونيورسٽيز نثاراحمد کهڙو جي صدارت ۾ قائدعوام يونيورسٽي آف انجنئيرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نوابشاھه جو 19 هون سينيٽ اجلاس يونيورسٽي جي سينٽ هال ۾ منعقد ٿيو اجلاس ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون، رجسٽرار سهيل احمد سميت سڀني شعبن جي چئيرمينن، سينڊيڪيٽ ۽ سينيٽ ميمبرن شرڪت ڪئي سينيٽ اجلاس ۾ يونيورسٽي جي مالي سال 2016-17,2017-18,2018-19 ۽ 2019-20 جي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته 019-20 جي 342 ملين خساري واري 1794 ملين روپين جي بجيٽ جي پڻ منظوري ڏني وئي جڏهن ته يونيورسٽي جي سينيٽ پاران سنڌ حڪومت کان يونيورسٽي لاءِ 1200 ملين روپين جي امداد کانسواءِ قائدعوام يونيورسٽي نوابشاھه لاءِ 500 ملين ۽ لاڙڪاڻي ڪيمپس لاءِ ساليانو 300 ملين بجيٽ مقرر ڪرڻ جي گذارش پڻ ڪئي وئي. بعد ۾ صوبائي صلاحڪار نثاراحمد کهڙو يونيورسٽي جي وائيس چانسلرسان گڏ ميٽنگ هال ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرن جي مقرري سرچ ڪميٽي ذريعي ميرٽ تي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته سرچ ڪميٽي ۾ ڪواليفائيڊ اعلى تعليمي يافته ماڻهو شامل آهن هن وڌيڪ چيو ته سڀني يونيورسٽين ۾ ملازمن جون ڀرتيون پڻ شفاف طريقي سان ميرٽ تي ڪيون پيون وڃن صوبائي صلاحڪار هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ صوبي کي تقسيم ٿيڻ نه ڏيندي حددخيلون هٽائڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته غيرقانوني تعمير ٿيل عمارتن کي ڪيرائڻ جو فيصلو سپريم ڪورٽ جو آهي سنڌ حڪومت جو نه ناجائز قبضو قانوني ناهي هوندو پر جيڪي ماڻهو سالن کان آباد آهن انهن کي متبادل جڳھ ڏيڻ تائين کين بي گهر ڪرڻ مناسب ناهي صوبائي صلاحڪار بلاول ڀٽو زرداري جي نيب طلبي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت نيب ڪيسن کي منهن ڏيندي ڀڄڻ واري ناهي بلاول ڀٽو زرداري کي ان ڪيس ۾ سڏايو پيو وڃي جڏهن هو هڪ سال جو هو هن وڌيڪ چيو ته جڏهن وفاق خلاف احتجاج جي ڳالھ ڪيون ٿا ته ليڊرشپ خلاف نيب جا نوٽيس اچي وڃن ٿا صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته مهانگائي جي ڪري عوام جو گذر سفر مشڪل ٿي ويو آهي