ڪراچي(اسٽاف رپورتر): سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه عدالتي حڪم تي شهر ۾ حددخلين خلاف آپريشن ۾ گهرن کي ڊاهڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو آهي ته حددخليون ڪنهن به صورت ۾ منظور ناهن، عوام کان اجهو کسڻ سنڌ حڪومت کي قبول ناهي.سنڌ جي آءِ جي بابت سوال تي هن جو چوڻ هو ته وفاق کي اسان سندس درخواست تي آءِ جي جا نالا ڏنا آهن، ڪليم امام کي تبديل ڪيو ويندو ۽ انهن پنجن نالن مان آءِ جي مقرر ٿيندو.وڏي وزير ٻڌايو ته سڀاڻي بلاول ڀٽو زرداري نيب ۾ پيش ٿيندو، اپوزيشن جون سموريون پارٽيون ۽ اڳوڻي صدر زرداري کي جيل حوالي ڪيو ويو، عدالت فريال ٽالپر کي ميرٽ تي ضمانت ڏني آهي.واضح رهي ته سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي جي بحالي لاءِ ريلوي جي زمين تي موجود حددخلين کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.