لنڊن(م ڊ)وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته حڪومت ۾ اچڻ وقت ملڪ جي هر شيءِ جي حالت خراب هئي پر اسان جون ڪوششون جاري آهن.لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي قانون واري وفاقي وزير بيرسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته جڏهن حڪومت ۾ آياسين ته معاشي حالتون تمام گهڻيون خراب هيون. ماضي جي قرضن ۽ ان تي وياج جي ادائيگي لاءِ آءِ ايم ايف کان پيڪيج وٺڻو پيو. هن چيو ته هاڻ حالتون بهتر ٿي رهيون آهن ۽ اسان بهتري طرف اڳيان وڌي رهيا آهيون. بيرسٽر فروغ نسيم اعتراف ڪيو ته ملڪ ۾ هر شيءَ صحيح نه هئي پر حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي. افواهون ڦهلائيندڙ نٿا چاهين ته ڪرپشن جو خاتمو ٿئي.خالد مقبول صديقي جي استعيفيٰ بابت سوال تي بيرسٽر فروغ نسيم چيو ته خالد مقبول وزارت صرف ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ڇڏي. ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ جي بحران بابت سوال تي وفاقي وزير چيو ته اٽي ۽ کنڊ مافيا جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪنهن کي به رعايت نه ڏني ويندي. موت جي سزا ختم ڪرڻ بابت بيرسٽر فروغ نسيم چيو ته مون اهو ناهي چيو ته ڦاهي جي سزا ختم ٿيڻ گهرجي پر اسان کي فيصلو اهو ڪرڻو آهي جيڪو قانون ۾ لکيل آهي. هن وڌيڪ چيو ته 1994 ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو اهو چوي ٿو ته سرعام ڦاهي شريعت ۽ آئين جي خلاف آهي مون چيو ته اهڙو ڪوبه قانون نه ٺاهيندس جيڪو شريعت، آئين ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف هجي. هن چيو ته ڪير به منهنجي ڳالهين مان اختلاف ڪري ٿو ته اهو سپريم ڪورٽ وڃي. 1994 جو فيصلو ريويو ڪرائي. سوشل ميڊيا تي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنائيندڙن جي خلاف ڪارروائي بابت سوال تي وفاقي وزير چيو ته مان سوشل ميڊيا جي حوالي سان ڪابه سمري ناهي پيش ڪئي. پر آءِ ٽي جي وزارت طرفان اها سمري آئي هئي.