ڏوهارين خلاف ڪارروايون تيز ڪري منشيات تي ضابطو آندو وڃي: آءِ جي ڪليم امام

گولاڙچي(رپورٽر)  آءِ جي سنڌ  ڪليم امام جي بدين پوليس جي آفيسرن سان ملاقات امن وامان بابت بريفنگ ورتي. رپورٽ موجب آءِ جي پي سنڌ  ڪليم امام اڄ ايس ايس پي آفيس بدين پهچي بدين پوليس جي آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ امن وامان بابت بريفنگ ورتي. ان موقعي تي ڊي آئي جي پي حيدرآباد نعيم احمد شيخ، ايس ايس پي توقير محمد نعيم (پي ايس او آءِ جي سنڌ)،  اسد اعجاز ملهي (ڊي آءِ جي آپريشن)، ايس ايس پي بدين حسن سردار نيازي، ضلع بدين جي سڀني ڊي اي پيز ۽ ايس ايڇ اوز شرڪت ڪئي.  آءِ جي پي سنڌ ڪليم امام بريفنگ دوران چيو ته عوام جا مسئلا ميرٽ جي بنياد تي حل ڪيا وڃن، ٻارن سان زيادتي نه ڪئي وڃي ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو وڃي جڏهن ته الله تعالي اوهان کي  اهڙي منصب تي فائز ڪيو آهي ته عوام جي خدمت ڪيو ۽ پنهنجا فرائض منصبي بهتر نموني ادا ڪيو ۽ جڏهن اوهان کي انصاف ڪرڻ جو موقعو ملي ته  انصاف جي ترازو کي هموزن رکو ۽ ڪنهن سان ناانصافي نه ڪيو. آءِ جي وڌيڪ چيو ته فريادين سان عزت ۽ محبت سان پيش اچو ۽ انهن سان بدتميزي نه ڪئي وڃي، عوام سان بهتر رويا ۽ لاڳاپا رکيا وڃن. ضلعي ۾ امن وامان جي فضا کي بحال رکيو وڃي ۽ منشيات تي ضابطو آندو وڃي ۽ ڏوهارين جي خلاف ڪاروايون تيز ڪيون وڃن.آئي جي سنڌ چيو ته ڪرپشن حرام آهي ۽ ان کا پنهنجو پاڻ کي بچايو ۽ هڪ سٺو پوليس آفيسر تڏهن ئي ٿي سگهجي ٿو جڏهن سٺو انسان بڻجي سگهجي ٿو.هن چيو ته پوليس جي ڊيوٽي هڪ مشڪل ترين ڊيوٽي آهي پر ان کي عبادت سمجهي ڪريو ڇو ته هي وردي  الله تعالي جي طرفان ئي ملندي آهي ۽ هي وردي هر ڪنهن کي نه ملندي آهي ۽ صرف ڪنهن ڪنهن کي ملندي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *