اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عوام کي هاڻ وڌيڪ گمراهه نٿو ڪري سگهجي، سچائي سامهون آڻي رهنداسين.فردوس عاشق اعواڻ(ن) ليگ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته نوازشريف جي پليٽ ليٽس بدران لنڊن مان چمچن ۽ پليٽن جي کڙڪڻ جو آواز اچي رهيو آهي.ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته محمد نوازشريف سخت بيماري جو بيان ڏئي لنڊن هليو ويو آهي جيڪو اڃان تائين اسپتال ۾ داخل ناهي ٿيو. ان جي ميڊيڪل رپورٽن به(قطري خط) جو درجو حاصل ڪري ورتو آهي. هو چوي ٿو ته جيستائين اسپتال ۾ داخل نه ٿيندس ميڊيڪل رپورٽون نٿو موڪلي سگهان. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته شريفن قائدن ۽ ضابطن جي جيڪا ڀڃڪڙي ڪئي آهي ان جو سلسلو اڃان به جاري آهي.هاڻ ميان صاحب جي پليٽ ليٽس جي خبر بدران لنڊن جي هوٽلن مان پليٽن ۽ چمچن جي کڙڪڻ جو آواز اچي رهيو آهي. ميڊيڪل رپورٽ سان گڏ مريض جو مينيو ڪارڊ به قوم کي ٻڌايو وڃي ته حقيقتن جي خبر پئجي ويندي.فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته ليگي اڳواڻ ڪاري کي اڇو نٿا ڪري سگهن. حمزه شهباز جي ضمانت جو مطلب بريت ناهي. سچائي کان ڀڄندڙن کي ڀڄڻ نه ڏينداسين. عوام کي وڌيڪ گمراهه نٿو ڪري سگهجي قوم جي سامهون سچائي آڻي رهنداسين. فردوس عاشق اعواڻ مريم نواز جي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي مطالبي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته احسن اقبال صاحب جيلن ۾ قيد ٻين قيدين جون به ڌيئرون آهن اهي سوال ڪري رهيا آهن ته اسان سان اهڙو سلوڪ ڇو.؟ قانون کي خواهشن جي بلي نٿا چڙهائي سگهون، هر صورت ۾ قانون جي عملداري کي يقيني بنائينداسين.