اسلام آباد(بيورو): قومي اسيمبليءَ ۾ ٻارن سان جنسي زيادتي ۽ انهن کي قتل ڪندڙ ڏوهاريءَ کي سرعام ڦاسي ڏيڻ جي قراداد منظور ڪئي وئي آهي.قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ پارلياماني وزير علي محمد خان طرفان قرارداد پيش ڪئي وئي جيڪا اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي.قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ٻارن کي جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻائي قتل ڪندڙن کي سرعام ڦاسي ڏني وڃي.پيپلزپارٽيءَ طرفان سرعام ڦاسي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي وئي، اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته گڏيل قومن جي قانون موجب سرعام ڦاسي نٿي ڏئي سگهجي ۽ سزائون وڌائڻ سان ڏوهه گهٽ ناهن ٿيندا.ان کان پوءِ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سومر جي شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.ٻئي پاسي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سرعام ڦاهي جي حوالي سان ٺهراءَ جي سخت مزاحمت ڪريان ٿو، ٽوئيٽر تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پنهنجي پارٽي پاران پيش ڪيل سرعام ڦاهي جي حوالي سان ٺهراءَ جي ڀرپور مزمت ڪريان ٿو، هن چيو ته اهڙي قسم جا قانون تشدد پسنداڻا معاشرن ۾ ٺهن ٿا، بربيت سان توهان ڏوهن جي خلاف نٿا وڙهي سگهو، هي انتهاپسنداڻي سوچ آهي، هن چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿي چڪو آهي، اهڙي قسم جون سزائون قبائلي معاشرن ۾ هونديون آهن جتي انسان ۽ جانور برابر هوندا آهن، هن چيو ته معزز معاشرا جوابدارن کي سزا کان اڳ جرم روڪڻ جي تدبير ڪن ٿا. فواد چوڌري چيو ته اهڙي قسم جي سزائن سان معاشرا بي حس ٿي وڃن ٿا ۽ سزا پنهنجو اثر وڄائي ويهي ٿي.