ميرپور(م ڊ): وزيراعظم عمران خان ڀارتي وزيراعظم مودي کي خبردار ڪيو آهي ته هو ڪنهن غلط فهميءَ جو شڪار نه رهي ۽ جيڪڏهن هن پاڪستان تي حملو ڪيو ته اها ان جي آخري غلطي هوندي.ميرپور آزاد ڪشمير ۾ ريلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو آهي ته هن جلسي جو مقصد ڪشميرين کي هڪ پيغام ڏيڻ آهي ته صرف آزاد ڪشمير نه پورو پاڪستان اڄ آزاد ڪشمير سان گڏ آهي.عمران خان جو چوڻ هو ته ڪشميرين لاءِ تمام سٺو وقت اچڻ وارو آهي، مودي ڇهه مهينا پهرين جيڪا غلطي ڪئي ۽ تڪبر ۾ 5 آگسٽ تي جيڪو قدم کنيو ان جي پيش نظر الله تي ايمان رکي پيشنگوئي ڪريان ٿو ته هاڻ ڪشمير آزاد ٿيندو.هن چيو ته 5 آگسٽ کان پهرين دنيا ڪشمير کي وساري چڪي هئي، ڪير ڪشمير جو نالو به نه وٺندو هو، پاڪستاني سربراهه به ان جو نالو نه کڻندا هئا پر انهن ڇهه مهينن ۾ اڄ ڪشمير دنيا جي سامهون اچي ويو آهي، ان کان پهرين هندستان 50 سالن تائين پوري ڪوشش ڪئي ته ڪشمير عالمي مسئلو نه ٿيندو، ڀارت چوندو هو ته هي اسان جو پنهنجو مسئلو آهي.وزيراعظم جو چوڻ هو ته مودي جيڪو بيان ڏنو ته 11 ڏينهن ۾ پاڪستان کي فتح ڪري وٺندس، لڳي ٿو ته هن دنيا جي تاريخ ناهي پڙهي، لڳي ٿو توهان جي ڊگري ڪوڙي آهي، مودي جيڪو تڪبر سان ڀريل بيان ڏنو ڪير ان کي دنيا جي تاريخ ٻڌائي، دنيا جي طاقتور فوج 19 سالن کان افغانستان ۾ آهي انهن به چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ افغانستان کي فتح ڪري وٺنداسين.هن وڌيڪ چيو ته آئون مودي ۽ سندس ڪمانڊر ان چيف کي چوان ٿو ته توهان پنج آگسٽ تي هڪ غلطي ڪري ويٺا آهيو ۽ هاڻ اها غلطي ڪئي ته ياد رکو ڪروڙين پاڪستاني ۽ هڪ هڪ ٻار آخري ساهه تائين وڙهندو، اسان توهان جو مقابلو ڪنداسين، دنيا جي وڏين وڏين فوجن اهي جنگيون نه کٽيون جيڪي اسان جي فوجن کٽيون، تنهن ڪري مودي ان غلطي فهمي ۾ نه رهو ته پاڪستان ۾ ايڪشن کڻي هندوتوا کي مٿي کڻي اينداسين، جيڪڏهن توهان ائين ڪيو ته اها توهان جي آخري غلطي هوندي.