اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪشمير سان يڪجهتي واري ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير جي عوام جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو.ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت جا 5 آگسٽ وارا غيرقانوني قدم گڏيل قومن
جي قراردادن جي ڀڃڪڙي آهن، پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت ڪشميرين جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ڀارت جو خيال هو ته هو ڪشميرين کي سمجهوتو ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو. پر ڀارت کي ٻنهي مقصدن ۾ بدترين ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي حمايت ۾ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مظاهرا ٿيا آهن.گڏيل قومن ۽ دنيا جي وڏن ملڪن ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ عالمي برادري والاريل ڪشمير جي عوام تي ظلم ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته سلامتي ڪائونسل 6 مهينن ۾ 3 ڀيرا جمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي غور ڪيو پر عالمي برادري کي والاريل ڪشمير جي عوام جي حمايت ۾ ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته لاڪ ڊائون گهڙيال تي هڪ هڪ منٽ عالمي برادري جي اجتماعي ضمير تي وزن آهي.هن عالمي برادري کان ڪشميري جي بنيادي آزادي ۽ ان جي حمايت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي فيڪٽ فائڊنگ مشن کي والاريل ڪشمير وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن ان سان والاريل ڪشمير ۾ سنگين پامالين جي حقيقتن جي سڃاڻپ ٿي سگهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي فوجي مبصر گروپ کي والاريل ڪشمير وڃڻ جي اجازت ڏئي. جيڪڏهن ڀارت ڪجهه لڪائڻ نٿو چاهي ته عالمي ميڊيا کي به والاريل ڪشمير وڃڻ جي اجازت ڏئي.پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته بهادر ڪشميري عوام جي حقن کي حاصل ڪرڻ تائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين.