اسلام آباد(بيورو): پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير يائوزنگ جو چوڻ آهي ته ووهان کانسواءِ چين جي ٻين شهرن کان پاڪستانين کي واپس موڪليو ويندو.اسلام آباد ۾ صحت جي خاص مددگار ظفر مرزا چيني سفير يائوزنگ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جو هڪ به ڪيس ناهي، وائرس جي شڪي 7ماڻهن جا نمونا منفي اچڻ نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ڪرونا وائرس بابت حڪومت روزاني جي بنياد تي ڪيل انتظامن جو جائزو وٺندي آهي، ڪو به پاڪستاني يا چيني ان وقت تائين چين نٿو ڇڏي سگهي جيسيتائين ان جو معائنو نٿو ڪيو وڃي، چين کان ايندڙ ڪو به ماڻهو شڪي نٿو ملي، چين کان ايندڙ اهڙو ڪو به مسافر نه آهي جنهن کي آبزرويشن جي ضرورت هجي.پريس ڪانفرنس دوران چيني سفير يائوزنگ جو چوڻ هو ته ڪرونا وائرس سبب 371 ماڻهو موت جو شڪار ٿي چڪا آهن، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون، چين ۾ سمورا پروگرام معطل ڪيا ويا آهن، اسان صحت جي عالمي اداري ۽ ٻين عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهيون. صحت جي عالمي اداري اسان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي آهي، اسان پراميد آهيون ته هن وبا کي منهن ڏئي وينداسين، اسان ڪرونا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي صلاحيت رکون ٿا.وائرس جي خاتمي لاءِ ويڪيسن ٺاهڻ تي به تحقيق جاري آهي، ڪرونا وائرس ۾ مبتلا 500 ماڻهو ٺيڪ ٿي چڪا آهن، دنيا کي پنهنجي ڪوششن کان آگاهه ڪري رهيا آهيون.يائوزنگ وڌيڪ چيو ته چين ۾ پاڪستانين جو وڏو تعداد موجود آهي ۽ چين ۾ پاڪستانين کي پنهنجو هم وطن سمجهون ٿا، اسان سمورن پاڪستانين سان رابطي ۾ آهيون، پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪريون ٿا، ووهان کان سواءِ چين جي ٻين شهرن کان پاڪستانين کي موڪليو ويندو.