ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ وڌي 371 ٿي ويو

بيجنگ(م ڊ) چين ۾ پراسرار ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 57 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 371 ٿي ويو آهي.چيني اختيارين موجب، 56 ماڻهو وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبي هوبئي ۾ فوت ٿيا، جڏهن ته چونگ چنگ ۾ هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو.چيني اختيارين موجب، ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ وڌي 371 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 28 سئو 29 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد متاثرن جو انگ 17 هزار 205 ٿي ويو آهي.ٻئي پاسي وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ اوڀر چين جي شهر وين زو ۾ اچن وڃن تي پابندي مڙهي وئي آهي.وين زو شهر جا روڊ رستا بند ڪري شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪورونا وائرس سبب ڦلپائن ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته وائرس 24 ملڪن ۾ رپورٽ ٿي چڪو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *