سکر(ڊ ر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه مطالبو ڪيو آهي ته حڪمران ٻڌائين ته اٽو، کنڊ ۽ ٻين شين جون قيمتون وڌائيندڙ ڪير آهن.سکر جي احتساب عدالت ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ نيب اختيارين خورشيد شاهه کي جوڊيشل رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت ڪيس جي مختصر ٻڌڻي کان پوءِ خورشيد شاهه کي جوڊيشل رمانڊ ۾ 18 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ سمورن جوابدارن کي 18 فيبروري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن ته عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 18 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏيعدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي خورشيد شاهه پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنايو. هن چيو ته سونامي تباهي جو نالو آهي، موجوده حڪومت مهانگائي جو سونامي آندو آهي. هي چوندا هئا ته روزاني 12 ارب روپين جي ڪرپشن آهي. هاڻ هي 12 ارب ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن. کنڊ هجي، اٽو هجي يا ٻئي ڪا شيءَ ان جا اگهه اوچتو وڌي ويندا آهن.اگهه وڌائيندڙ ڪير آهي. حڪمران ٻڌائين. ڊالر جو وڌڻ ۽ روپئي جي قيمت ڪيرائڻ جو ذميوار ڪير آهي.؟ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ آءِ جي تبديل نه ٿيڻ جڏهن ته پنجاب، ڪي پي ڪي ۾ چار آءِ جي تبديل ٿين خطرناڪ آهي. وفاقي حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ناهي ڪري رهي.