اهڙي ريلوي جي ضرورت ناهي، ريل سڙڻ وقت وزير کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو): چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ ريلوي خساري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد عدالت ۾ پيش ٿيو.چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته جيئن ريلوي هلايو پيو وڃي اهڙي ريلوي جي اسان کي ضرورت ناهي. منهنجي خيال ۾ ريلوي کي توهان بند ڪري ڇڏيو. توهان جا ڪرتوت اسان جي سامهون آهن، ريلوي وزير صاحب ٻڌائي ته ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ ريل گاڏي کي باهه واري واقعي کان پوءِ توهان کي استعفيَ ڏيڻ گهرجي ها.اهو ٻڌايو ته 70 ماڻهن جي سڙي مرڻ جو حساب توهان کان ڇو نه وٺجي؟ 70 ماڻهو سڙي فوت ٿيا ٻڌائڻ پسند ڪندا ته انهي واقعي تي توهان ڪهڙي ڪارروائي ڪئي. شيخ رشيد جواب ڏيندي چيو ته 19 ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. چيف جسٽس پڇو ته گيٽ ڪيپر ۽ ڊرائيور کي هٽايو ويو وڏين مڇين کي ڇو نه؟ شيخ رشيد جواب ڏنو ته وڏن خلاف به ڪارروائي ٿيندي. چيف جسٽس چيو ته وڏا ته توهان به آهيو. شيخ رشيد عدالت سڳوري کي ٻڌايو ته ريلوي جي مسئلن جو واحد حل ايم ايل ون منصوبو آهي جيڪو چوڏهن سو سال پراڻو منصوبو آهي پر انهي تي عمل نه ٿيو آهي، حڪومت ريلوي جي ملازمن جي پنشن جي ذميواري کڻي ته 5 سالن اندر خسارو ختم ٿي ويندو. عدالت مهلت ڏئي معيار تي پورو نه لٿس ته استعفيٰ ڏئي ڇڏيندس.چيف جسٽس چيو ته اسان جي سامهون پراڻو ڳالهيون نه کولي ويهه، ايم ايل ون منصوبو جادو مثل آهي، ريلوي ۾ ڦر مار لڳي پئي آهي. ريلوي وٽ نه سگنل آهن نه وري ٽريڪ ۽ نه بوگيون. سڀئي ريلوي آفيسر پيسا وٺي ڀرتي ٿيا آهن. ڪراچي ۾ ڪالا پل ڏسو، ڪياماڙي وڃي ڏسو ڇا حال آهي، ڪراچي سرڪلر ريلوي جي 38 ڪينال زمين عدالت جي حڪم تي خالي ٿي آهي. ريلوي جا آفيسر جنهن کي چاهين زمين ڏئي ٿا ڇڏين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *