اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي چيئرمين ڪرپشن بابت رپورٽ تي وضاحتي بيان ڏيندي چيو آهي ته انگ اکرن کي غلط نموني پيش ڪري پاڪستان جي ساک کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪٿي به نه لکيل آهي ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي چيئرمين سهيل مظفر طرفان ڪرپشن وڌڻ بابت رپورٽ تي وضاحتي بيان جاري ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ پڌري ٿي، جنهن موجب پاڪستان اندر ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو آهي. اپوزيشن پارٽيز ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي پاڪستان ۾ ڪرپشن بابت رپورٽ کي پي ٽي آءِ سرڪار جي منهن تي چماٽ قرار ڏنو هو. وضاحت بيان ۾ چيئرمين سهيل مظفر چيو آهي ته رپورٽ ۾ ڪٿي به نه لکيل آهي ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو، پاڪستان جو اسڪول هڪ درجو گهٽجڻ سان ڪرپشن ۾ اضافي يا گهٽتائيءَ جي نشاندهي نٿي ٿئي. سياستدانن ۽ ميڊيا رپورٽ کي غلط نموني رپورٽ ڪيو آهي ۽ غلط انگ اکر پيش ڪري پاڪستان جي ساک کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. خلاف