پاڪستان هن وقت مضبوط ملڪ آهي، جتي ڪاروبار جا ڪيترائي شاندار موقعا آهن:عمران خان

ڊيووس(م ڊ): وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن جو خاتمو آهي ۽ ڪرپٽ اسٽيٽس پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي. ڊيووس ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته ڊيووس ۾ دنيا جي اهم شخصيتن سان ملڻ جو موقعو مليو.ڊيووس ۾ پاڪستان جو موقف عالمي قيادت تائين پهچايو آهي. ڊيووس ۾ رهڻ تمام گهڻو مهانگو آهي. مان حڪومت جو پئسو پنهنجي رهڻ تي خرچ نه ٿو ڪري سگهان.ڊيووس ۾ منهنجي رهڻ جو خرچ اڪرام سهگل ۽ محمد عمران ڪري رهيا آهن. ڊيووس ۾ ايندڙ پوري دنيا جي وزيراعظمن مان سستو دورو منهنجو آهي. هن وڌيڪ چيو ته انسان جي اصل ڪاميابي مشڪل حالتن ۾ پراميد رهڻ آهي، اڳيان وڌڻ جي لاءِ  ڏکين حالاتن ۾ جيئڻ جو سليقو اچڻ کپي. اڪثر ماڻهو ڏکين حالاتن ۾ همت هاري ويهندا آهن. مون وقت مان سکيو آهي ته مشڪل حالتن سان ڪيئن مقابلو ڪجي.جڏهن مون ڪرڪيٽ شروع ڪئي ته پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ئي مون کي ڊراپ ڪيو ويو هو. جڏهن منهنجي ماءُ کي ڪينسر هو ته خبر پئي ته پاڪستان ۾ ڪينسر جي ڪا به اسپتال ناهي. ماءُ کي تڪيلف ۾ ڏسي مون اهو فيصلو ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪينسر اسپتال ٺاهيندس. اڄ شوڪت خانم ۾ 75 سيڪڙو غريب ماڻهن جو علاج ٿي رهيو آهي. اسپتال تي ساليانو 10 ارب روپيا خرچ ٿئي ٿو.جڏهن توهان ڪاميابي واري منزل تي هجو ته غرور ڪرڻ نه کپي. هن وڌيڪ چيو ته ڪاميابي جي لاءِ پوئتي مڙڻ جو ڪوئي رستو ناهي، ڪاميابي لاءِ جهوجهد ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به پوئتي نه هٽجي ۽ گڏوگڏ انهي جي لاءِ پلان به هجڻ کپي. ٻئين نمبر تي اچڻ واري لاءِ ڪو به انعام ناهي هوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *