ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته آءِ جي ڪليم امام پارٽي بڻجي ويو آهي ۽ هو سنڌ ۾ رهندو، هتي اُهو آفيسر رهندو، جيڪو اسان جي پاليسيز تي هلندو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي عوام آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هڪ نالائق آفيسر هڪ چونڊيل ميمبر تي الزام لڳايا ۽ سيڪريٽ رپورٽ ٺاهي. ڀائو! جيڪڏهن امتياز شيخ ڏوهاري آهي ته اُن کي گرفتار ڇو نه ڪيو، ڇا وڏي وزير ڪڏهن ڪنهن کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيو آهي؟ وڏي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان ٻڌايو آهي ته صوبي ۾ امن امان جا مسئلا ٿي رهيا آهن، آءِ جي ڪليم امام کي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو اِن جي قابل نه آهي. ڇا اسان خبر نٿي پوي ته آءِ جي سنڌ ڪنهن ڪنهن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي، آءِ جي سنڌ هن وقت پارٽي بڻجي ويو آهي، اهڙو ڪمزور ۽ ناڪام آءِ جي مون ته ڪڏهن نه ڏٺو آهي. ڪليم امام هن صوبي ۾ نه رهندو ۽ هتي رڳو چونڊيل نمائندن جي پاليسي هلندي، جيڪو آفيسر اسان جي پاليسيز تي هلندو، اُهو ئي رهندو.