اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي حوالي سان اسان کي پنهنجو مفاد ڏسڻو آهي، جيڪا شئي اسان جي مفاد ۾ آهي اسان ان تي عمل پيرا رهنداسين.سي پيڪ بابت آمريڪي الزامن ۽ چين جي رد عمل کان پوءِ موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته هو پنهنجو نظريو دنيا جي سامهون رکي.پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي دوري تي راضپو ظاهر ڪيو آهي ۽ هو جلد پاڪستان اچڻ جو خواهشمند آهي ڇو ته هو سمجهي ٿو ته پاڪستان هڪ اهم ملڪ آهي ۽ هو ان سان پنهنجا ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ چاهي ٿو.گڏوگڏ ئي پاڪ چين اقتصادي راهداري بابت هن چيو ته سي پڪي بابت اسان کي پنهنجي مفاد کي ڏسڻو آهي، جيڪا شئي اسان جي مفاد ۾ آهي ان تي عمل پيرا رهنداسين.