جيترو حصو ٻين صوبن کي ملي ٿو، اُهو سنڌ کي به ملڻ گهرجي:وزيراعليٰ سنڌ

عمرڪوٽ (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صوبائي وزير سيد علي مردان شاهه جي لاڏاڻي تي کاروڙو پهچي پونيئرن سان تعزيت ڪئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ صوبائي وزير ناصر شاهه، صوبائي وزير شبير بجاراڻي، صوبائي تيمور ٽالپر، نواب يوسف ٽالپر ۽ اڳواڻ موجود هئا. اُن موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته علي مردان شاهه جي لاڏاڻي سان پارٽي کي وڏو نقصان پهتو آهي، علي مردان شاهه منهنجي والد سان گڏ سياست ڪئي، هو اسان جو سينيئر ۽ استاد هو. آءِ جي سنڌ جي معاملي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته آءِ جي معاملي تي هڪ پيج تي آهيون، بدلي ٿيڻ ۾ لازمي ٽائيم لڳي ٿو، انشاءَ الله ڪجهه ڏينهن ۾ مسئلو حل ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي حڪومت سان اختلاف آهن، خاص ڪري اِنهي معاملي تي ته جيترو هصو ٻين صوبن کي ملي ٿو، اُهو سنڌ کي به ملڻ گهرجي، ملڪ ۾ ٻيون ڀيرو اٽي جو بحران ٿيو آهي. پهرين نواز شريف دور ۾ ٿيو، تڏهن به ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪئي وئي، هن وقت عمران خان افغانستان کي امداد ڏئي بحران پيدا ڪيو آهي. پاسڪو کان ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، ٽرانسپورٽ جي ڪري مسئلو پيدا ٿيو آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ مسئلو حل ٿي ويندو. وڏي وزير مراد علي شاھ چيو ته ٿر ڪول تي سنڌ حڪومت ڪامياب پلاننگ سان ڪم ڪيو آھي، ايندڙ 10-15 سالن دوران ٿر جي قسمت ئي تبديل ٿي ويندي، ٿر ڪول مان ملندڙ بجلي ۽ فائدن سان ٿر سنڌ سميت دنيا جو اھم خطو بڻجي ويو آھي، اھي ڪوششون اسان جي حڪومت ورتيون آھن، گئس جي معاملن سميت مختلف اشوز تي سنڌ حڪومت ۽ وفاق وچ ۾ ڪافي معاملن تي اعتراض ۽ خدشا آهن، ماڪڙ خلاف آپريشن پهرين سنڌ حڪومت ڪيو، پر ان جو ڪنٽرول وفاقي حڪومت وٽ هو، وفاق پيپلزپارٽي خلاف ڪوئليشن ٺاهيو آهي، اميد آهي ته سيوهڻ ۾ ڇوڪري سان زيادتي واري معاملي تي چيف جسٽس متاثر ڇوڪري کي انصاف ڏياريندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *