اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طالبان سان امن معاهدو پاڪستاني معيشت ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ ضروري آهي.وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان جنگ سبب پاڪستان ۾ ڪلاشنڪوف ۽ منشيات جو ڪلچر پيش آيو. ڊيوس ۾ پاڪستان اسٽريٽجي ڊائيلاگ فورم سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستاني معيشت خطي ۾ سڀني کان وڌيڪ ترقي ڪري رهي هئي 70 جي ڏهاڪي ۾ مختلف ادارن جو سرمائيڪاري ۾ اعتماد وڌيو.عمران خان وڌيڪ ٻڌايو ته حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ ڌيان معيشت تي ڏنو ويو. پهريون سال ڪرنسي کي مستحڪم ڪرڻ، هلندڙ حسابن جي خساري کي گهٽ ڪرڻ ۾ وڃايو. واپار، سرمائيڪاري جي رستي ۾ ايندڙ غير ضروري رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو.وزيراعظم چيو ته افغان جنگ سبب پاڪستان کي وڏو مالي نقصان کڻڻو پيو. افغان جنگ سبب پاڪستان ۾ ڪلاشنڪوف ۽ منشيات جو ڪلچر سامهون آيو. پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 70 هزار جانين جي قرباني ڏني.هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ امن جي لاءِ سڀني کان وڌيڪ فائدو سياحت جي شعبي ۾ ٿيو. سياحت کي هٿي ڏيڻ سان ملڪي معيشت کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي. عمران خان چيو ته پاڪستاني سرزمين ڪيترين ئي قديمي تهذيبن جي آماجگاهه آهي. پاڪستان ۾ اهڙا ڪيترائي سياحتي هنڌ آهن جيڪي هينئر تائين دنيا جي نظرن تان غائب آهن.هن چيو ته افغانستان ۾ امن جي لاءِ آمريڪا سان گڏ ملي ڪم ڪري رهيا آهيون. افغانستان ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جو وچ ايشيائي رياستن تائين پهچڻ ممڪن هوندو. سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿين.