عمران خان آمريڪي صدر جي سامهون ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍڻ جو معاملو کنيو:پرڏيهي وزير

ڊيووس(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان جي عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات مفيد رهي ۽ آمريڪي صدر هن کي جلد پاڪستان جي دوري جي خاطري ڪرائي آهي.وزير اعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هن وقت عالمي اقتصادي فورم ۾ شرڪت جي سلسلي ۾ سوئٽرز لينڊ جي شهر ڊيووس ۾ موجود آهي جتي ان فورم ۾ آمريڪي صدر سميت ٻيا عالمي اڳواڻ شريڪ ٿيا.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته فورم جي موقعي تي عمران خان ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي جيڪا هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي.ملاقات دوران موجود شاهه محمود قريشي چيو ته صدر ٽرمپ جي پوري ٽيم ملاقات ۾ موجود هئي جنهن ۾ سٺي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ وزير اعظم عمران خان ان دوران اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *