اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ انٽرنيشنل ايئرلائين (پي آءِ اي) جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر (سي اي او) ايئرمارشل ارشد محمود جي بحالي بابت اپيل رد ڪري ڇڏي.چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پي آءِ اي جي سي اي او کي ڪم کان روڪڻ جي خلاف داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان ٿورو پي آءِ اي ۾ وڃي سفر ڪيو ۽ ڏسو ته ايئرلائين جو ڇا حال آهي.چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پي آءِ اي کي ڪيئن پيو هلايو وڃي، اها ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ناهي قوم جي ملڪيت آهي، ان سان هٿ چوراند ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.هن چيو ته پي آءِ اي چيئرمين مقرري جي طريقيڪار لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ بنيادي انساني حقن جو ڪيس موجود آهي.ان موقعي تي عدالت ايئر ڪموڊور کي ٺيڪو ڏيڻ جي معاملي تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اڄ اخبار ۾ خبر ڇپي آهي ته ڪنهن ايئر ڪموڊور کي 70 ڪروڙن جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي.ان دوران جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته جنگ اخبار ۾ 3 ڪلم جي خبر ڇپيل آهي، خبر موجب هڪ ايئر ڪموڊور جي ٻه مهينا اڳ فرم رجسٽر ڪئي وئي.