ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه سمورن ڊي سيز کي اٽي جي اگهن ۾ واڌ کي فوري ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاسڪو طرفان 3 لک ٽن ڪڻڪ رکي وئي آهي، اربع تائين بحران ٽري ويندو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جاري ٿيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته صوبي ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي بحران تي اربع تائين ضابطو اچي ويندو، پاسڪو طرفان سنڌ لاءِ 3 لک ٽن ڪڻڪ رکي وئي آهي ۽ اُها ڪڻڪ پنجاب توڙي بلوچستان مان گهرائي پئي وڃي. ٽرانسپورٽرز جي هڙتال سبب ڪڻڪ گهرائڻ ۾ دير ٿي وئي هئي. وڏي وزير چيو آهي ته هاڻي ڪراچي ۾ ڪڻڪ جون 70 هزار ٻوريون پهچي چڪيون ۽ سڀاڻي تائين وڌيڪ 50 هزار ٻوريون به پهچايون وينديون. سنڌ حڪومت جي درخواست تي اين ايل سي طرفان 200 گاڏيون لڳايون ويون آهن، اُها ڪڻڪ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ فلورز ملز کي ڏني پئي وڃي. وڏي وزير ڊي سيز ۽ پرائيس ڪنٽرول بيوروز کي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لائق احمد کي ڪڻڪ جي آمد توڙي ورڇ جي نگراني ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي.