سنڌ حڪومتي جي ڪوتاهيءَ جي ڪري صوبي اندر ڪڻڪ جي کوٽ پيدا ٿي آهي:فردوس عاشق اعواڻ

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سنڌ ۾ ڪڻڪ جي سنگين بحران ۽ اٽي جي چوٽ چڙهيل اگهن غريب توڙي پورهيت طبقي کان ٻن ويلن جي ماني کسي ورتي. سنڌ سرڪار اڱاري يا اربع تائين اگهه ڪنٽرول ٿيڻ جو دلاسو ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته صوبي ۾ ساڍا 3 لک ٽن ڪڻڪ موجود آهي، ڪراچي ۾ ٿورو گهڻو بحران آهي. وفاقي سرڪار چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي نااهليءَ سبب صوبي ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿيو آهي. سنڌ سوڌو سموري ملڪ ۾ اٽي جي سنگين بحران تي سُڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ پريس ڪانفرنس ڪئي. جنهن دوران هُن سڌ سرڪار کي صوبي ۾ اٽي جي سنگين بحران۽ اگهه چوٽ چڙهي وڃڻ جي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومتي جي ڪوتاهيءَ جي ڪري صوبي اندر ڪڻڪ جي کوٽ پيدا ٿي آهي، ڇاڪاڻ جو اُن وقت سر ڪڻڪ خريد نه ڪئي آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ کي 4 لک ٽن ڪڻڪ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن مان هڪ لک ٽن سنڌ حڪومت کڻي ورتي آهي، صوبائي حڪومت فلور ملز تائين ڪڻڪ پهچائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اٽي جي سنگين کوٽ پيدا ٿي ۽ اگهه چوٽ چڙهي ويا. وفاقي سرڪار چيو آهي ته سنڌ سرڪار فلور ملز تائين ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائي ته جيئن اٽو سستو ٿئي. زراعت کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو اٽي جا چوٽ چڙهيل اگهه ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان ڪابه حڪمت عملي واضح نه ڪئي آهي، جڏهن ته ميڊيا سان ڳالهائيندي هُن دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ ۾ ساڍا 3 لک ٽن ڪڻڪ موجود آهي ۽ ڪڻڪ جي سپلاءِ شروع ٿي چڪي آهي، اڱاري يا اربع تائين اٽي جي اگهن جو مسئلو حل ٿي ويندو. هُن چيو ته لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن، ڪراچي ۾ اٽي جو ٿورو بحران ٿيو آهي. ٻن مهينن کانپوءِ لابارا شروع ٿيندا ۽ ڪڻڪ جو مسئلو حل ٿي ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *