عمران خان عذاب بڻجي قوم مٿان نازل ٿيو آهي: مريم اورنگزيب

لاهور(م ڊ)پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان هڪ عذاب بڻجي قوم تي نازل ٿيو آهي ۽  هر گذرندڙ ڏينهن ان عذاب ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب مهانگائي جي شدت ۾ اضافي جي مذمت ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون سستيون ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته عمران خان هڪ عذاب بڻجي قوم مٿان نازل ٿيو آهي ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان عذاب ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن 16 مهينن ۾ نوازشريف جي ترقي ڪندڙ ملڪ کي  ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي ۽ هن عوام کي صرف روئارڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي.مريم اورنگزيب چيو ته شماريات کاتي جا انگ اکر عمران خان جي نالائق حڪومت جي خلاف چارج شيٽ آهن. سرڪاري ادارا پاڻ گواهي ڏئي رهيا آهن ته ملڪ نالائق ترين ٽولي جي رحم ڪرم تي آهي. بجلي ۽  گيس  کان وٺي دال، ڀاڄيون ۽ ٽماٽن تائين هر شيءَ مهانگائي جو رڪارڊ ٽوڙي چڪيون آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *