معيشت جي تباهي جي ذميوارن جا ڪارناما قوم کي خبر هجڻ گهرجن:وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم عمران خان شهباز شريف ۽ مريم نواز جي ڪرپشن بابت شاهديون سامهون آڻڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ اپوزيشن جي ڪيسن بابت جارحانه حڪومتي بيان جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.ذريعن موجب اجلاس جي دوران چوڌري شوگرمل ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ مريم نواز بابت نون انڪشافن جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته چوڌري شُگرمل ڪيس بابت شاهديون منظر عام تي آڻڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.وزيراعظم عمران خان چيو ته وائٽ ڪالر ڏوهارين جي خلاف ادارن جا اختيار وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. حڪومت ڪرپشن وارن ڪيسن تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪندي. بنا ڪنهن جهجڪ منصفاڻي احتسابي عمل کي يقيني بنائينداسين.وزيراعظم چيو ته معيشت جي تباهي جي ذميوارن جا ڪارناما قوم کي خبر هجڻ گهرجن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *