پنجاب جو وڏو وزير پاڻ کي بادشاهه سمجهي ٿو: فواد چوڌري جي عثمان بُزدار تي ڇتي تنقيد: وزيراعظم کي خط لکي دانهن

اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير فواد چوڌري پنجاب جي وڏي وزير تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عثمان بُزدار پاڻ کي بادشاهه سمجهي رهيو آهي، جيڪو عوامي مفادن جي خلاف آهي. سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري پنجاب سرڪار تي ڪڙڪي پيو: بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته مسئلو پنجاب حڪومت جو نه، پر وسيلن جي ورڇ جو آهي. وڏن وزيرن وٽ فنڊز جي حوالي سان صوابديدي اختيار آئين جي آرٽيڪل 140 اي جي ڀڃڪڙي آهي. هُن چيو ته جنهن فارمولي تحت وفاق فنڊز صوبن ڏانهن منتقل ڪندو آهي، اُن ئي فارمولي تحت صوبائي سطح جا فنڊز ضلعن ۾ منتقل ٿيڻ گهرجن. پنجاب جو وڏو وزير پاڻ کي بادشاهه سمجهي ٿو، جيڪو عوامي مفادن جي خلاف آهي. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزير فواد چوڌري هڪ اجلاس دوران به وزيراعظم آڏو پنجاب سرڪار تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته پنجاب سرڪار ڊليور نٿي ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ کي مجموعي طور دٻاءُ برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي. ذريعن موجب وفاقي وزير فواد چوڌري وزيراعظم عمران خان کي خط لکي پنجاب سرڪار جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار به ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *