نيويارڪ(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي صورتحال ڀارت جو اندروني معاملو ناهي.والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀارتي ڀڃڪڙيون ڳڻتي جوڳيون آهن. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوٽيرس سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي.شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران ملاقات جي تفصيل ٻڌائي. هن چيو ته ڀارت ڪشمير تي ٻطرفن ڳالهين جي لاءِ تيار ناهي. 80 لک ڪشميرين کي 5 آگسٽ 2019 کان پوءِ مسلسل ڪرفيو کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.عالمي برادري ڪشميرين کي ڀارتي جبر کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. شاهه محمود قريشي انتونيو گوٽيرس سان ملاقات ۾ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کان آگاهه ڪيو.پرڏيهي وزير يو اين اي سيڪريٽري جنرل کي پنهنجي ايران جي دوري ۽ سعودي عرب کان به آگاهي ڏني. هن چيو ته وچ اوڀر ڪنهن به نئين جنگ کي منهن نٿو ڏئي سگهي.