قومي اسيمبلي ۾ گيس بحران خلاف پ پ سان گڏ حڪومتي ميمبرن جو به احتجاج: عمر ايوب ڪوڙو قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ گيس لوڊشيڊنگ خلاف پ پ سان گڏ حڪومتي ميمبرن جو به احتجاج، توانائي واري وزير کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، نعرا، پ پ ميمبرن سنڌ ۾ گيس پيداوار جا انگ اکر رد ڪندي چيو ته وفاقي وزير عمر ايوب لاڳيتو غلطي بياني ڪري رهيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ سنڌ جي ميمبرن سنڌ ۾ گيس لوڊشيڊنگ خلاف حڪومت جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڌيان طلب نوٽيس پيش ڪيو، جنهن جو جواب ڏيندي توانائي جي وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته سنڌ صوبو 2243 ايم ايم سي ايف ڊي گيس پيدا ڪري ٿو، سوئي سدرن گيس ڪمپني کي 1300 کان 1400 ايم ايم سي ايف ڊي گيس فراهم ڪئي وڃي ٿي، ڀاڻ ۽ پاور فيڪٽرين کي 70 ايم ايم سي ايف ڊي گيس ملي ٿي، هن چيو ته سوئي سدرن گيس ڪمپني جي نيٽ ورڪ مان 500 ايم ايم سي ايف ڊي گيس پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کي گيس فراهم ڪندڙ سوئي نادرن کي وڃي ٿي، ان مان 265 ايم ايم سي ايف ڊي گيس سنڌ واپس اچي ٿي، هن دعويٰ ڪندي چيو ته سنڌ ۾ گهرج کان گيس کوٽ رڳو 250 ايم ايم سي ايف ڊي جي آهي، اسان گذريل سال جي شروع ۾ سنڌ حڪومت کي آگاهه ڪيو هو ته رحمان ۽ آمنه گيس فيلڊن لاءِ رستو ڏنو وڃي، جيڪڏهن رستو ڏنو وڃي ها ته 65 ايم ايم سي ايف ڊي گيس اضافي فراهم ڪري سگهون ها، پاڪستان پائيپ لائين مان سنڌ حڪومت 17 ڪلوميٽر جو رستو ڏئي ها ته 150 ايم ايم سي ايف ڊي ايل اين جي پنجاب کي فراهم ڪري سگهون ها. هن انڪشاف ڪندي چيو ته ڪراچي جون صنعتون مقرر ڪوٽا کان وڌيڪ گهريلو صارفين جو به گيس استعمال ڪري رهيون هيون، سوئي سدرن کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ جي صنعتن کي 25 ايم ايم سي ايف ڊي گيس گهٽ ڏئي اها گهريلو صارفين کي ڏني وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ گيس بحران جو رڳو هڪ ئي حل آهي ته صوبا ويٽيج ايوريج گيس قيمت طئي ڪرڻ تي اتفاق ڪن، ان جو مقصد امپورٽ ٿيندڙ ايل اين جي ۽ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ گيس جي قيمتن ۾ ڪو فرق نه هجي، ان بعد وفاقي حڪومت کي اهو اختيار هجي ته هو جنهن جڳهه تي سبسڊي ڏيڻ چاهي ته ڏئي. هن چيو ته سنڌ وارا آرٽيڪل 158 جي ڳالهه ڪن ٿا، آرٽيڪل 158 تڏهن آئين ۾ شامل ٿيو هو، جڏهن ملڪ ۾ گيس جي گهرج ايتري نه هئي، قدرتي وسيلن تي ملڪ جي هر شهري جو برابر حق آهي. جنهن تي پيپلزپارٽي جي سيد نويد قمر احتجاج ڪندي آئين جي ڪاپي لوڏي، شازيه مري به ان احتجاج ۾ شامل ٿي، ٻئي ميمبر توانائي جي وزير جي اهڙي بيان تي ڪوئيسچن ڪوئيسچن جا نعرا لڳايا، جنهن بعد توانائي جي وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته سنڌ حڪومت چوي ٿي ته گيس جا وسيلا اسان جا آهن، ايندڙ ٻن سالن ۾ سنڌ جي گهرج کان سرپلس گيس ختم ٿي ويندو، ان بعد سنڌ آرٽيڪل 158 جو ڇا ڪندي؟ جنهن تي پ پ جي عبدالقادر پٽيل چيو ته وفاقي وزير عمر ايوب گهڻيون غلط بيانيون ڪيون آهن، توانائي واري اداري جي رپورٽ آهي جنهن ۾ سنڌ صوبي مان گيس پيداوار جا جيڪي گهٽ ۾ گهٽ انگ اکر ڏنا ويا آهن، اهي 2500 ايم ايم سي ايف ڊي آهن، هي وزير صاحب سنڌ ۾ گيس پيداوار 2243 ايم ايم سي ايف ڊي ٻڌائي رهيو آهي،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *